سسي نيزي پاند

سسي نيزي پاند

سسي نيزي پاند

سسي نيزي پاند (ڪتاب): هي ڪتاب محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو، مشهور روسي ناول نگار آسٽروسٽڪيءَ جي ضخيم ناول Till the Steel was Tempered جو انتهائي مختصر ۽ آسان سنڌيءَ ۾ ڪيل ترجمو آهي. سن 1955ع ۾ زوري لاڳو ڪيل ون يونٽ خلاف سنڌي اديبن، صحافين، دانشورن ۽ شاگردن سخت احتجاجي مهم هلائي، ان تحريڪ ۾ محمد عثمان ڏيپلائيءَ تمام گهڻو حصو ورتو ۽ 1958ع واري مارشل لا ۾ کيس گرفتار ڪري جيل ۾ پڻ وڌو ويو. ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ ۾ ڏيپلائي صاحب دنيا جي مختلف ملڪن ۾ هليل انقلابي تحريڪن ۽ آزاديءَ جي پسمنظر ۾ مسلسل پنج ناول لکيا، جيئن سنڌي نوجوانن کي جذبو ملي. انهيءَ سلسلي ۾ ڏيپلائي صاحب ٻين ناولن کان سواءِ امڙ (1958ع)، انور پاشا، جاپاني گڏي لکيا، جيڪي سمورا سرڪار پاران ضبط ڪيا ويا. انهيءَ سلسلي جو پنجون ناول ’سسي نيزي پاند‘ 1957ع ۾ يوڪرين ۾ اٿيل انقلابي تحريڪ بابت سرجيل آهي.
هن ناول لکڻ جو مقصد ڏيپلائي صاحب هن ريت بيان ڪيو آهي: ”نونهال پنهنجي قوم ۽ وطن جي آئيندي جا وارث ۽ مالڪ آهن. انهن کي جهڙي تربيت ۽ تعليم ننڍي هوندي ملندي، وڏي هوندي اهڙا ئي بنبا آهن. ان ڪري اهو بلڪل ضروري آهي ته اسان جي نئين ٽهيءَ کي اهڙا سبق سيکارجن، جن ۾ بهادريءَ جو جوهر پيدا ٿئي ۽ وڏي هوندي هو پنهنجي قوم ۽ ملڪ لاءِ مفيد ثابت ٿين، هنن مان احساس ڪمتري نڪري وڃي، جيڪا منجهن بزدل ۽ گدڙ صفت ليڊرن جي پيدا ڪيل هجي ۽ هو مرد ميدان بنجي انهن وحشين ۽ ظالمن سان پوريءَ طرح مقابلا ڪن، جيڪي سندن قوم ۽ وطن جا دشمن هجن.“
هن ناول ۾ 110 صفحن تي مشتمل آهي. پهريون ايڊيشن ڊسمبر 1957ع واري ماهوار انسان ۾ ڇپيو، جنهن جي قيمت ڏيڍ روپيه هئي. ٻيو ايڊيشن پرڀات پبليڪيشن طرفان 1973ع ۾، ۽ ٽيون ايڊيشن روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، سردار پريس حيدرآباد مان ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 15 روپيا آهي.


لفظ سسي نيزي پاندھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو